! طبيب ڪجھ تہ تپاسي ڏس تون

!طبيب

ڪجھ تہ تپاسي ڏس تون

ڇو ڀلا ماٺ جي وحشت ۾

.دل ٿي گھٻرائي

ڇو ڀلا ڦٽ نراسائي جو ڇٽي ئي نٿو

سانت جي چئو طرف سرڻين

وبا آ ڦھلائي

ھي ڪھڙا درد

جن جو

سلسلو کٽي ئي نٿو

ڇو ڀلا وقت جي منصور جي چپن تي وري

.ڪينسر مصلحتن جي اڀري آ

چون ٿا

.سچ جي گوري بہ ڏاڍي اگري آ

ڇو ڀلا

سانت جي ھن شھر ۾ ھلندي ھلندي

منھنجي جذبن جو ساھ گھٽجي ٿو

منھنجي شعرن منھنجي گيتن

منھنجي سپنن جو ساھ گھٽجي ٿو

منھنجي نگري

ء منھنجي ڌرتي جي

.ساھوارن جو ساھ گھٽجي ٿو

! طبيب ڪجھ تہ تپاسي ڏس تون

آڪاش انصاري

Advertisements

جواب دیں

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

آپ اپنے WordPress.com اکاؤنٹ کے ذریعے تبصرہ کر رہے ہیں۔ لاگ آؤٹ / تبدیل کریں )

Twitter picture

آپ اپنے Twitter اکاؤنٹ کے ذریعے تبصرہ کر رہے ہیں۔ لاگ آؤٹ / تبدیل کریں )

Facebook photo

آپ اپنے Facebook اکاؤنٹ کے ذریعے تبصرہ کر رہے ہیں۔ لاگ آؤٹ / تبدیل کریں )

Google+ photo

آپ اپنے Google+ اکاؤنٹ کے ذریعے تبصرہ کر رہے ہیں۔ لاگ آؤٹ / تبدیل کریں )

Connecting to %s


%d bloggers like this: